خطِ استوا

خطِ استوا

خط استوا

خطِ استوا (Equator): اهو فرضي ليڪ يا دائرو، جيڪو ڌرتيءَ کي اتر ۽ ڏکڻ، ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو. هن حصي تي سڄو سال سج جا ڪرڻاعام طور سڌا پوندا آهن. انهيءَ ڪري هتي سخت گرمي ٿيندي آهي. خطِ استوا کان جيئن جيئن پري وڃبو آهي. سج جا ڪرڻا ڌرتيءَ جي گولائيءَ جي ڪري پاسيرا پوندا آهن ۽ سج جي گرمي گھٽ ٿيندي آهي. اهڙيءَ طرح قطبن جي آسپاس ايتري قدر ٿڌ وڌي ويندي آهي، جو ڌرتي سڄو سال برف سان ڍڪيل رهندي آهي. جيڪي علائقا خطِ استوا جي ويجھو هوندا آهن، اهي گرم ۽ جيڪي پري هوندا آهن، سي ٿڌا هوندا آهن.


لفظ خط استواھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو